بالي ووڊ اداڪار عمران خان کي ڀارتي چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ تي ملڪ ڇڏڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي
ڀارتي ميڊيا موجب، ممبئي پوليس عامر خان جي ڀاڻيجي ۽ اداڪار عمران خان کي 28 آڪٽوبر تائين ڀارت ڇڏڻ جو نوٽيس جاري ڪيو آهي
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عمران خان احتجاج دوران چيف اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو، احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ تي ممبئي پوليس عمران خان کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو هو
پوليس موجب، عمران خان ڀارتي شهري نه آهي، تنهنڪري احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ تي اميگريشن ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي وئي آهي، عمران خان ڀارتي نه پر آمريڪي شهري آهي ۽ وٽس اوورسيز سٽيزن آف انڊيا (OCI) ڪارڊ موجود آهي


