کپري ۾ استاد جي قتل خلاف وارثن طرفان لاش رکي لڳل ڌرڻو ٻن ڏينهن بعد ختم ڪيو ويو
مقتول استاد بابر علي هنڱورجو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هنيو ويو، ايس ايس پي سانگهڙ شاھنواز چاچڙ مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪيون
مقتول استاد بابر علي جي وارثن ۽ ايس ايس پي سانگهڙ وچ ۾ ڪامياب ڳالهيون ٿيون،ايس ايس پي سانگهڙ جي خاطري کانپوءِ مقتول نوجوان جي وارثن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.
مقتول بابر علي جي جنازي نماز سڀاڻي صبح 8 وڳي سندس اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي ويندي


