پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف چيو آهي ته جيڪي ماڻهو ڪرپشن جا الزام لڳائي رهيا آهن، اهي حڪومت ۾ ڇو ويٺا آهن؟ استعيفيٰ ڏئي گهر ڇو نٿا هليا وڃن؟
جهلم ۾ اسڪالرشپس ۽ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جيئن جيئن چونڊون ويجهو اچي رهيون آهن، تيئن تيئن ڪيترن ئي ماڻهن کي تڪليف ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي اهڙن ماڻهن جي پسمنظر بابت سڀني کي خبر آهي، اهي ماڻهو ايندڙ چونڊن لاءِ پنهنجي جاءِ پڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن
هن چيو ته ڇا سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ ڪرپشن ناهي ٿيندي؟ خيبرپختونخوا ۾ ته ڪرپشن جو هڪ مڪمل نيٽ ورڪ موجود هو. پنجاب واحد صوبو آهي، جتي وزير اعليٰ روزانو ڪرپشن جا واقعا پڌرا ڪري ٿي
مريم نواز جو چوڻ هو ته جيڪڏهن کيس خبر پئي ته ڪنهن وزير ڪرپشن ڪئي آهي يا رشوت ورتي آهي ته ان کي ڪنهن به صورت ۾ نه بخشيندي، هن چيو ته هزارين ارب رپين جي منصوبن ۾ هڪ رپئي جي به ڪرپشن ثابت ڪري ڏيکاريو
مريم نواز وڌيڪ چيو ته اڄ نوجوانن جي هٿن ۾ پيٽرول بم يا پٿر ناهن، پر ليپ ٽاپ آهن،وزير اعليٰ پنجاب چيو ته اڄ سندس هيرو ۽ سپر هيرو باصلاحيت شاگرد آهن، جن پنهنجي محنت ۽ ڪوششن سان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي
هن ٻڌايو ته جهلم جي سرڪاري يونيورسٽي جي 115 شاگردن ۽ نرسنگ ڪاليج جي 42 شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهايا ويا، جڏهن ته 109 شاگردن کي لڳ ڀڳ 25 لک رپين جون اسڪالرشپس ڏنيون ويون آهن


