وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾دهشتگردن کي ڪي پي آندو ويو، ڪي پي جي عوام دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، خيبرپختونخوا جي حڪومت کي گڏ کڻي هلڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، ڌرڻن ۽ لانگ مارچ ذريعي ملڪي ترقي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي
ن ليگ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته امن جي قيام لاءِ سياستدانن قربانيون ڏنيون آهن
هن چيو ته ڪجهه مهينن دوران خيبرپختونخوا ۾صورتحال گهڻي خراب ٿي،2018ع تائين ملڪ ۾ دهشتگردي جو خاتمو ٿي چڪو هو، پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ڪي پي ۾ دهشتگردن کي آندو ويو
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت اچڻ کانپوءِ سوات ۾ ٻيهر دهشتگرد اچڻ شروع ٿيا، ڏسندي ئي ڏسندي سوات ۾ دهشتگردي واپس اچي وئي
شهباز شريف چيو ته ڪي پي جي عوام دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، امير مقام ۽ بلور خاندان قربانيون ڏئي رهيو آهي
هن چيو ته خيبرپختونخوا جي حڪومت کي گڏ کڻي هلڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، ڌرڻن ۽ لانگ مارچ ذريعي ملڪي ترقي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هڪ صوبي جي ترقي جو سفر رڪجڻ افسوسناڪ آهي.
سندس چوڻ هو ته صوبي ۾ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار ۽ عام شهري شهيد ٿين پيا، چاهيون ٿا ته ڪي پي مان دهشتگردي ۽ بي روزگاري جو خاتمو ٿئي، سهيل آفريدي جيڪي ڳالهيون ڪيون، اهو دشمن به ناهي ڪندو، اهي ماڻهو دهشتگردن خلاف هڪ لفظ به ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن
هن وڌيڪ چيو ته ڳالهين دوران بار بار ڊرافٽ تبديل ڪيو ويو، اتفاق راءِ کانپوءِ ڳالهين کي ختم ڪيو ويو، ڪو به مهذب معاشرو فساد ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي اجازت نٿو ڏئي سگهي
سندس چوڻ هو ته خيبرپختونخوا جي ايڊوائزري ڪائونسل ۾پڙهيل لکيل ماڻهو آهن، چاهيون ٿا ته صوبي جي عوام کي صحت ۽ تعليم جون بهتر سهولتون ملن، اسان هڪ جذبي سان صوبي جي خدمت ڪنداسين



