وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ مجبوريءَ سبب ايمرجنسي لاڳو ڪرڻي پئي تباهي ٿيندي ڏسي خاموش تماشائي بڻجي نٿا سگهون
گوجرانوالا ۾ ڳالهائيندي، وزيراعظم شهباز شريف خيبر پختونخواهه جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي وضاحت ڪئي ته خيبر پختونخواهه ۾ ايمرجنسي هڪ ضروري قدم هو، ڇاڪاڻ ته اهو صوبو لڳاتار خطرن ۽ ”لانگ مارچن“ کي منهن ڏئي رهيو هو ڌرڻا سڄي ملڪ جي نظام کي مفلوج ڪري ڇڏيندا آهن
وزير اعظم شهباز شريف چيو ته هن سهيل آفريدي کي يقين ڏياريو هو ته صوبي کي گهربل سمورا وسيلا فراهم ڪيا ويندا
وزير اعظم چيو ته خاموش تماشائي بڻجي تباهي نٿا ڏسي سگهون جيڪڏهن ائين ڪريون ها ته اها هڪ مجرماڻي غفلت ٿئي هان اهڙي غلطي ڪرڻ تي ايندڙ نسل کين ڪڏهن به معاف نه ڪن ها
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن اڳوڻي وڏي وزير کي دهشتگردي خلاف گڏجي ڪم ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي، پر ان جي بدلي کيس ’لانگ مارچ‘ جون ڌمڪيون مليون
وزير اعطم شهباز شريف چيو ته هن ڀيري رت وهائڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو هو، تحريڪ انصاف جي ماضي جي تاريخ ڀيانڪ آهي
هن چيو ته خيبر پختونخواهه جي عوام دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، ۽ افغانستان مان شروع ٿيندڙ دهشتگردي جي هڪ لهر 2018 ۾ شروع ٿي هئي جيڪا اڄ تائين جاري آهي
وزير اعظم شهباز شريف چيو ته نار واري جنگ جي اثرن سموري خطي کي متاثر ڪيو آهي


