News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

گوادر ۾ دهشتگردي جي ڪوشش ناڪام،عورت سميت 10 دهشتگرد مارجي ويا

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز گوادر ۾ دهشتگردي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو،10 دهشتگرد مارجي ويا

گبد بارڊر ڪراسنگ  ۽ گوادر شهر ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ دهشتگردي جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي

آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز گوادر شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪليئرنس آپريشن ۾ عورت سميت 10 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ شهري به شهيد ٿيو  ۽ ڪجهه گاڏين کي نقصان پهتو، آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز جو ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جو مقصد بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه ۾ رنڊڪون وجهڻ هئو

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي رياستي عملداري کي چئلينج ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي ۽ گوادر ۾ آپريشنز مڪمل ڪري امن امان ۽ رياست عملداري بحال ڪئي وئي

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته عورت کي حملي ۾ زبردستي استعمال ڪرڻ بلوچ عورتن جي حرمت  جي خلاف آهي، دهشتگرد بلوچ عورتن کي پروپيگنڊا  ۽ عوامي جذبات ڀڙڪائڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن،بلوڇستان جو عوام پنهنجي نالي تي رت  وهائڻ وارن  عنصرن کي رد ڪندو آيو آهي  

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عزم استحڪام تحت دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڀرپور مهم جاري رهندي ملڪ ۾ ٻاهرين پٺڀرائي تي هلندڙ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر عزم آهيون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *