وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي صورتحال بابت اڄ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو
ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبي اندر ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ بابت فيصلو ٿيڻ جو امڪان آهي،
اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندو
اهم وفاقي وزير ۽ گهرو وزارت جا اعليٰ عملدار شرڪت ڪندا
اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي سيڪيورٽي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي
خيبرپختونخواهه ۾ ايمرجنسي يا گورنر راڄ بابت حڪومت جو هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي
ذريعن موجب، ڪي پي جي حوالي سان اڄوڪي اجلاس ۾ اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان آهي، خيبرپختونخواهه جي صورتحال تي رات دير سان هڪ ٻيو اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سينيئر وزيرن ۽ اعليٰ سيڪيورٽي عملدارن شرڪت ڪئي، قومي سلامتي ۽ انٽيليجنس ادارن جي رپورٽن جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ مختلف آئيني ۽ قانوني آپشنز جي استعمال تي وزيراعظم جي مشاورت، وزيراعظم معاملي تي سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺي رهيو آهي


