News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

ڳالهين لاءِ مولانا فضل الرحمان جي  ٽياڪڙي بابت ڪا به ڄاڻ ناهي: شوڪت يوسفزئي

پشاور: پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي ترجمان شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته ڳالهين لاءِ مولانا فضل الرحمان جي ٽياڪڙي بابت کيس ڪا به ڄاڻ ناهي، پر جيڪڏهن هو ٽياڪڙي لاءِ اڳتي اچي ٿو ته سندس آجيان ڪئي ويندي

خانگي ٽي وي سان  ڳالهائيندي شوڪت يوسفزئي چيو ته ايمرجنسي يا گورنر راڄ مسئلن جو حل ناهي، وفاقي حڪومت دهشتگرديءَ بابت آل پارٽيز ڪانفرنس جي پڌرنامي تي عمل ڪري

 حڪومت سمورن لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي اڳتي وڌي ۽ ضد ۽ انا ڇڏي مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪري

هن چيو ته بلاول ڀٽو کي سمجهڻ گهرجي ته جائز حقن لاءِ آواز اٿارڻ انتهاپسندي ناهي وفاقي وزيرن جي بيانن ۽ ڌمڪين سبب سياسي ماحول خراب ٿي ويو آهي

شوڪت يوسفزئي جو چوڻ هو ته کيس مولانا فضل الرحمان جي ٽياڪڙي بابت ڪا به ڄاڻ ناهي، پر جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان ٽياڪڙي لاءِ اڳتي اچي ٿو ته سندن آجيان ڪئي ويندي

 پي ٽي آءِ ڪڏهن به ڳالهين کان انڪار نه ڪيو آهي، پر ٻنهي پاسن کان صورتحال تمام گهڻي ڇڪتاڻ واري ٿي وئي آهي.

هن اميد ظاهر ڪئي ته وفاقي حڪومت ڪو غيرجمهوري قدم نه کڻندي، وفاقي حڪومت کي عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪرڻ ۽ طاقت جي انڌي استعمال کان پاسو ڪرڻ گهرجي

لانگ مارچ بابت پڇيل سوال تي شوڪت يوسفزئي چيو ته وفاقي حڪومت جي غلط فهمي 11 آڪٽوبر تي ختم ٿي ويندي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *