انگلينڊ ۽ ويلز ۾ 50 کان 54 سالن جي عمر وارن مردن ۾ آپگهات جي شرح 2025ع ۾ رڪارڊ سطح تي پهچي وئي
برطانوي اداري فار نيشنل اسٽيٽسٽڪس (ONS) موجب، گذريل سال هن عمر جي 532 مردن آپگهات ڪيو، جيڪو هر هڪ لک ماڻهن ۾ 28 فوتگين جي برابر آهي
انگن اکرن موجب، 2024ع ۾ اها شرح هر هڪ لک ماڻهن ۾ 27.3 هئي، جڏهن ته 1981ع ۾ رڪارڊ گڏ ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيڻ کان پوءِ اها بلند ترين سطح آهي
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آپگهات جي بلند شرح جو رجحان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جنريشن ايڪس سان تعلق رکندڙ مردن ۾ ڏٺو پيو وڃي، جنريشن ايڪس ۾ 1965ع کان 1980ع جي وچ ۾ پيدا ٿيل ماڻهو شامل آهن انگن اکرن موجب، 1990ع واري ڏهاڪي کان وٺي هن نسل جي مردن ۾ آپگهات سبب ٿيندڙ فوتگين جي شرح لڳاتار بلند رهي آهي


