News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

ايران اهڙا ميزائل تيار ڪيا آهن جيڪي يورپ ۽ امريڪا کي نشانو بڻائي سگهن ٿا : ٽرمپ

امريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران اهڙا ميزائل تيار ڪيا آهن جيڪي يورپ تائين پهچڻ جي صلاحيت رکن ٿا، ايراني ميزائل  امريڪي شهرن کي به نشانو بڻائي سگهن ٿا

 آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران اهڙا ميزائل تيار ڪري ورتا آهن جيڪي يورپ تائين پهچڻ ۽ آمريڪا جي مختلف شهرن، جن ۾ سان ڊياگو ۽ لاس اينجلس شامل آهن، تي حملو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا

آمريڪي رياست مسيسپي ۾ هڪ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي، ٽرمپ چيو ته آمريڪا ايران سان جنگ جي شروعات نه ڪئي، پر  ايران ئي هو جنهن آمريڪا سان جنگ شروع ڪئي

فوجي ڪارروائي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي اثرن جو دفاع ڪندي، ٽرمپ چيو ته هن کي اها  اميد نه هئي ته تيل جي قيمتن ۾ ان کان به وڌيڪ نمايان اضافو ٿيندو،

هن چيو ته هو هن قدم لاءِ مڪمل طور تي تيار هو، ڇاڪاڻ ته آمريڪا وٽ ٻيو ڪو به رستو نه هو، هي قدم گهڻو اڳ کڻڻ گهربو هو

 جنگ بندي بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته کيس اهو انتظام ڪڏهن به پسند نه آيو امريڪا جنگبندي ڪري سٺو ٿيڻ جي ڪُوشش ڪئي پر اها رڳو وقت جو زيان ثابت ٿي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *