آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڏوهارين کي سڪون سان رهڻ نه ڏينداسين، ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري رهنديون
ملير ۾ آءِ جي سنڌ شهيد ايس ايڇ او جاويد ابڙو جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ شهيد جي ٻن پٽن کي پوليس ۾ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو
ان موقعي تي هن چيو ته جاويد ابڙو جي خاندان پوليس لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، کين اڪيلو نه ڇڏيو ويندو جاويد عالم اوڍي وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي آبادي اڍائي ڪروڙ آهي، اهڙي وڏي شهر ۾ هڪ ڏينهن به ڪو ڏوهه نه ٿئي، اهو ممڪن ناهي


