News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

ڳالهيون مسئلن جي حل جو رستو آهن، رياست  کي يرغمال نه ٿو بڻائي سگهجي: راڻا ثناءُ الله

وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته حڪومت ڳالهين ذريعي مسئلن جي حل لاءِ تيار آهي ۽ ڳالهين جا دروازا کليل آهن، پر رياست کي يرغمال بڻائي ڪنهن کان به مطالبا مڃرائي نٿا سگهجن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم واضح ڪيو آهي ته ذاتي مفاد جي ايجنڊا کي قومي مفاد تي ترجيح نه ڏني وڃي

هن چيو ته  پي ٽي آءِ کي پڻ ذاتي مفادن کي پاسي تي رکي مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين جي ميز تي اچڻ گهرجي

راڻا ثناءُ الله  چيو ته سڀئي معاملا ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجن، پر ڳالهين جي خواهش کي رياست تي دٻاءُ وجهڻ يا ملڪ کي يرغمال بڻائڻ جو ذريعو بڻجڻ نه ڏنو ويندو

وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته ڳالهيون رياست تي دٻاءُ وجهڻ جو هٿيار نه، پر مسئلن جي حل جو رستو آهن. حڪومت ڳالهين ذريعي مسئلن جي حل جي خواهشمند آهي، تنهن هوندي به ڪنهن به صورت ۾ رياستي مفادن تي سوديبازي نه ڪئي ويندي.

راڻا ثناءُ الله الزام لڳائيندي چيو ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام 2014ع کان شروع ٿيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ سياست ۾ سياسي عدم برداشت ۽ گارگند جو ڪلچر متعارف ڪرايو

هن دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ جي هڪ ايجنڊا ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ آهي، جڏهن ته سياسي عدم استحڪام پيدا ڪري مطالبا مڃرائڻ جي ڪوشش قبول ڪرڻ جوڳي ناهي

وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته اسلام آباد تي چڙهائي لاءِ خيبر پختونخوا جا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته وزيراعظم ڪالهه پڻ واضح ڪيو هو ته ڌرڻن ۽ مارچ جي سياست ڇڏي ڳالهين جو رستو اختيار ڪيو وڃي. راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ قيادت کي وزيراعظم جي ڳالهين واري آڇ قبول ڪندي ڳالهين جي ميز تي اچڻ گهرجي ۽ ذاتي مفادن بدران قومي مفاد کي اوليت ڏيڻ گهرجي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *