آمريڪي حڪومت ٽيڪنالاجي جي وڏي ڪمپني مائڪروسافٽ کي ايڇ ون بي ويزا پروگرام مان معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته ٽرمپ انتظاميا مائڪروسافٽ، ايڊوبي ۽ ڪيترين ئي ٻين آءِ ٽي ڪمپنين کي آمريڪا ۾ مستقل رهائش لاءِ غير ملڪي ملازمن کي ڀرتي ڪرڻ جي اجازت معطل ڪري ڇڏي آهي. هڪ پريس ڪانفرنس دوران جي ڊي وينس چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ماڻهو آمريڪا ۾، خاص طور تي آمريڪي ٽيڪنالاجي شعبي ۾، سيڙپڪاري ڪن. هن چيو ته مائڪروسافٽ لاءِ اسان جو پيغام آهي ته توهان هڪ بهترين آمريڪي ڪمپني آهيو، پر توهان کي بهترين آمريڪي ملازمن کي نوڪريون ڏيڻ گهرجن. توهان آمريڪي ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍي انهن جي جاءِ تي غير ملڪي ملازم نٿا رکي سگهو. آمريڪي ليبر ڊپارٽمينٽ جي نگراني هيٺ هلندڙ ’پرماننٽ ليبر سرٽيفڪيشن پروگرام‘ ڪمپنين کي آمريڪا ۾ مستقل رهائش لاءِ غير ملڪي ملازمن کي ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. عام طور تي اهو ملازمن طرفان اسپانسر ڪيل گرين ڪارڊ حاصل ڪرڻ جو پهريون قدم هوندو آهي. هي پروگرام ايڇ ون بي ويزن کان الڳ آهي، جيڪي ملازمن کي عارضي طور آمريڪا ۾ رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏين ٿا. ايڇ ون بي ويزا بنيادي طور مخصوص شعبن ۾ انتهائي ماهر ملازمن کي ڏنا ويندا آهن، جڏهن ته ٽيڪنالاجي ڪمپنيون هن پروگرام جون سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪندڙ ڪمپنين ۾ شامل آهن. جي ڊي وينس خاص طور تي مائڪروسافٽ کي تنقيد جو نشانو بڻايو، جنهن گذريل سال 6 هزار ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍيو هو. وينس موجب، ساڳئي عرصي دوران ڪمپني 6 هزار 300 ايڇ ون بي ويزن ۽ لڳ ڀڳ 3 هزار گرين ڪارڊن مان فائدو ورتو. هن چيو ته جيڪڏهن حساب لڳايو وڃي ته مائڪروسافٽ هر هڪ ڪڍيل آمريڪي ملازم جي جاءِ تي ڏيڍ غير ملڪي ملازم رکيو، ۽ اهو هڪ اهڙو نظام آهي جنهن کي آمريڪا ۾ گهڻي عرصي تائين هلڻ جي اجازت ڏني وئي. هن پروگرام تحت ايڊوبي ۽ آءِ ٽي آئوٽ سورسنگ ڪمپنين ڪاگنيزنٽ، انفوسس، ٽاٽا ڪنسلٽنسي سروسز، وپرو، ايڇ سي ايل ۽ ڪيپ جيميني کي پڻ معطل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف، ان اڳڀرائي باوجود صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڄ وائيٽ هائوس ۾ مائڪروسافٽ جي سي اي او ستيا ناديلا کي ’نيشنل ميڊل آف ٽيڪنالاجي اينڊ انوويشن‘ جي اعزاز سان نوازيندو.


