بلاول ڀٽو زرداري، پي ٽي آءِ کي انتهاپسندي واري سياست ڇڏڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

بلاول ڀٽو زرداري، پي ٽي آءِ کي انتهاپسندي واري سياست ڇڏڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجي وڃايل ساک واپس چاهي ٿي ته انتهاپسندي واري سياست ڇڏي، وفاقي حڪومت ڪي پي ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو، پر اسان حڪومت کي ڳالهين طرف وڃڻ تي زور ڀريو، […]
سنڌ ۾ اٽي جا اگهه چوٽ چڙهي ويا، في ڪلو قيمت 210 رپين تائين پهچي وئي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جا اگهه وڌي 180 کان 210 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويا آهن، جنهن سبب پورهيت طبقو سخت پريشانيءَ جو شڪار ٿي ويو آهي.ڪراچيءَ ۾ فائن اٽو 180 رپيا، جڏهن ته چڪيءَ وارو اٽو 210 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو آهي. حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ […]
پاڪستان پاران سعودي ۾ فوجن جي مقرري، آمريڪا، ايران ڳالهين ۽ افغانستان مان دهشتگردي بابت اهم بيان

پرڏيهي کاتي جي ترجمان سجاد حيدر چيو آهي ته سعودي عرب ۾ پاڪستاني فوجن جي مقرري اڳوڻن معاهدن تحت ڪئي پئي وڃي. پاڪستان جو چوڻ آهي ته اسلام آباد جي سفارتي ڪوششن سان آمريڪا ۽ ايران سڌي ريت ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي ٽياڪڙي جو ڪردار جاري رکيو ويندو. ٻئي پاسي پاڪستان […]
سنڌ حڪومت هلندڙ سال 11سئو نوان اسڪول قائم ڪري رهي آهي:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت هلندڙ سال 1100 نوان اسڪول قائم ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، جنهن تحت ڊسمبر تائين 600 اسڪول مڪمل ڪرڻ ۽ مارچ تائين باقي هدف حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن چيو ته تعليم سميت هر شعبي ۾ ترقياتي ڪم جاري […]
سعودي عرب جو دفاع ڪيو ويندو: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري

ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدو خطي ۾ نون سيڪيورٽي چيلينجز کي منهن ڏيڻ، گڏيل دفاعي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ اهم آهي. هن واضح ڪيو ته معاهدي جو مقصد ڪنهن ملڪ کي […]
قومي اسيمبلي مان بلاول ڀٽو زرداري ۽ سينيٽ مان راڻا ثناءُ الله جوڊيشل ڪميشن جا ميمبرز نامزد

قومي اسيمبلي مان بلاول ڀٽو زرداري ۽ سينيٽ مان راڻا ثناءُ الله جوڊيشل ڪميشن جا ميمبرز نامزد وزيراعظم قومي اسيمبلي مان بلاول ڀٽو زرداري کي جوڊيشل ڪميشن جو ميمبر نامزد ڪري ڪيو وزيراعظم شهباز شريف سينيٽ مان راڻا ثناءُ الله کي جوڊيشل ڪميشن جو ميمبر نامزد ڪيو ٻنهي ميمبرن جي نامزدگي کان جوڊيشل ڪميشن کي […]
شهباز شريف پاران ڊونلڊ ٽرمپ کي ٻيهر نوبل امن انعام لاءِ نامزد ڪرڻ جي حمايت

وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي ٻيهر نوبل امن انعام ڏيڻ جي حمايت ڪئي آهي.شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٽرمپ جي بروقت مداخلت پاڪستان ۽ ڀارت کي جنگ جي ڪناري تان واپس آڻڻ ۽ جنگبندي ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي، جيڪا اڄ تائين […]
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر استاد بخاري جي وڇوڙي کي 34 ورهيه وهامي ويا

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر استاد بخاري جي وڇوڙي کي 34 ورهيه وهامي ويا، استاد بخاري جو قلم سدائين مظلومن جو آواز ۽ سنڌ جي سڃاڻپ رهيو، استاد بخاري جا امر گيت ۽ شاعري سدائين دلين ۾ زندا رهندي، استاد بخاري هڪ شخصيت نه پر سنڌ جو فڪر هو، سدائين ياد رهندو
وزيراعظم جي سعودي عرب تي حوثين جي حملن جي مذمت

وزيراعظم جو بيلسٽڪ ميزائلن کي فضا ۾ تباهه ڪرڻ تي سعودي ۽ اتحادي فوجن کي خراج تحسين ، شهباز شريف جو چوڻ آهي ته رياض ۽ ابها انٽرنيشنل ايئرپورٽس کي نشانو بڻايو ويو، حوثين جي حملن ۾ شهرين جون جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، گڏيل دفاعي معاهدي ۽ اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي […]
بحريني پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف پاڪستان جو دورو مڪمل ڪري واپس روانو

پرڏيهي ترجمان موجب بحريني پرڏيهي وزير 7 کان 8 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو، بحريني پرڏيهي وزير، صدر، وزيراعظم ، فيلڊ مارشل ۽ نائب وزيراعظم سان ملاقاتون ڪيون، پرڏيهي وزيرن ڪميشن جي ٽئين اجلاس جي پروٽوڪول تي صحيحون ڪيون، گڏيل وزارتي ڪميشن جو چوٿون اجلاس ايندڙ سال مناما ۾ ٿيندو، بحريني وزير علائقائي […]