News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

سنڌ ۾ اٽي جا اگهه چوٽ چڙهي ويا، في ڪلو قيمت 210 رپين تائين پهچي وئي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جا اگهه وڌي 180 کان 210 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويا آهن، جنهن سبب پورهيت طبقو سخت پريشانيءَ جو شڪار ٿي ويو آهي.
ڪراچيءَ ۾ فائن اٽو 180 رپيا، جڏهن ته چڪيءَ وارو اٽو 210 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو آهي. حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ پڻ اٽي جي اگهن ۾ واڌ سبب شهري پريشان آهن.
شهرين جو چوڻ آهي ته اٽي جهڙي بنيادي خوراڪ مهانگي ٿيڻ سبب گهر جو خرچ هلائڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، جڏهن ته پورهيت طبقو ٻن ويلن جي ماني پوري ڪرڻ لاءِ به پريشان آهي.
ٻئي پاسي شهرين اٽي جي اگهن ۾ واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته قيمتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ۽ عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *