News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

اکيون اميتاڀ بچن کي ڏيکاريو، اسان کي نه“، صحافي جيا بچن ست سريون ٻڌائي ڇڏيون

بالي ووڊ جي اداڪارا ۽ سماج وادي پارٽيءَ جي ميمبر پارليامينٽ جيا بچن کي هڪ صحافيءَ  کي ست سريون ٻڌائي ڇڏيون.

جيا بچن جا  صحافين، فوٽوگرافرن ۽ پاپارازي سان اڻبڻت وارا واقعا اڪثر خبرن جي زينت بڻجندا رهندا آهن

سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو  وائرل ٿي آهي جنهن ۾ جيا بچن هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪري رهي آهي، جتي سندس هڪ صحافيءَ سان اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جيا بچن هميشه وانگر ڪاوڙ ۾ نظر اچي رهي آهي ۽ اتي موجود صحافين ۽ فوٽوگرافرن کي کيس ڪاوڙ مان گهوريندي ڏسي سگهجي ٿو

ان موقعي تي هڪ صحافيءَ بنا ڪنهن ڊپ جي کيس جواب ڏيندي چيو:”چتائي ڇو ٿا ڏسو؟ توهان اميتاڀ بچن جي زال آهيو، تنهنڪري اسان توهان جون تصويرون ڪڍيون آهن، اهي اکيون اميتاڀ بچن کي ڏيکاريو، اسان کي نه!“

ان کان اڳ به جيا بچن جا عوامي تقريبن دوران فوٽوگرافرن سان ڏند چڪ  واريون  وڊيوز سامهون ايندا رهيا آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *