News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

اسپين ۾ ٻن تيز رفتار ريل گاڏين ۾ ٽڪر، 68 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

اسپين ۾ ٻن تيز رفتار ريل گاڏين جي ٽڪر جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 68 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن

اسپين جي ريلوي هلائيندڙ اداري موجب، هڪ ريل گاڏي ساڳئي پٽڙيءَ تي اڳيان ويندڙ ٻيءَ ريل گاڏيءَ جي پويان واري حصي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ٻن بوگين جون ڦيٿيون پٽڙيءَ تان لهي ويون. حادثي کان پوءِ گاديءَ واري شهر ميڊرڊ کان ڏاکڻي علائقي اندلس ڏانهن ويندڙ ريل گاڏين جي اچ وڃ معطل ڪئي وئي

اختيارين زخمين جو انگ ترت نه ٻڌايو، پر صحت واري وزير سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پيغام جاري ڪندي شهرين کي رت ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. اختيارين موجب، ٻنهي ريل گاڏين ۾ لڳ ڀڳ 550 مسافر سوار هئا.

ريل گاڏيون هلائيندڙ ڪمپني رينفيءَ جو چوڻ آهي ته حادثي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي

هلندڙ سال اسپين ۾ پيش آيل هي ٻيو وڏو ريلوي حادثو آهي. جنوريءَ ۾ پيش آيل هڪ حادثي ۾ 46 ڄڻا فوت ٿيا هئا. ان حادثي ۾ هڪ ريل گاڏي پٽڙيءَ تان لهڻ کان پوءِ قرطبه صوبي ڀرسان سامهون ايندڙ ٻيءَ ريل گاڏيءَ سان ٽڪرائجي وئي هئي

اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز ريل گاڏيءَ جي هن وڏي حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي متاثرن ۽ سندن گهرڀاتين سان ڏک ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو آهي

اسپين جي ريلوي حفاظت واري اداري موجب، 2016ع ۾ ريلوي حادثن جو انگ 45 هو، جيڪو وڌي 2024ع ۾ 57 ۽ گذريل سال 69 ٿي ويو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *