ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيءَ جي اڳواڻن ملاقات ڪئي
مڪا معاهدي ۾ شامل ملڪن پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيءَ جا اعليٰ عملدار ايران پهچي ويا، محسن رضائي پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيءَ جي اعليٰ عملدارن جي آجيان ڪئي
پاڪستان جي نمائندگي لاءِ فيلڊ مارشل عاصم منير تهران پهچي ويو، جڏهن ته گهرو وزير محسن نقوي به ايران ۾ موجود آهي
ايراني ميڊيا موجب، سعودي عرب جو بچاءَ وارو وزير شهزادو خالد بن سلمان ايران پهچي ويو آهي، سعودي عرب جو سي-130 جهاز تهران جي مهرآباد ايئرپورٽ تي لٿو
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي جو چوڻ آهي ته اڄوڪي اجلاس جي تجويز فيلڊ مارشل عاصم منير جي دوري دوران ڏني وئي هئي، جنهن جي ايران طرفان آجيان ڪئي وئي آهي
ايران، ترڪي، سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وفدن جي تهران واري دوري کي علائقي جي سلامتيءَ جي نظام ۾ سهڪار ڏانهن هڪ اهم قدم قرار ڏنو آهي
سعودي پرڏيهي وزارت جي هڪ عملدار جو چوڻ آهي ته مڪا دفاعي اتحاد جي ميمبر ملڪن ۽ ايراني قيادت جي ملاقات علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوششن جو حصو آهي
هن وڌيڪ چيو ته مڪا معاهدي ۾ شامل ملڪ علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ٽياڪڙي جي ڪوششن جي حمايت ڪن ٿا. اهي ملڪ بحران جي سفارتي حل جي حوصلا افزائي ڪن ٿا، جڏهن ته ايران سان ٿيل ملاقات به ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي انهن ڪوششن جو حصو آهي


