نیوز ٹکر · سما ٹی وی
🕒 لوڈ ہو رہا... _
📅 لوڈ ہو رہا... _
🌡️ لوڈ ہو رہا... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

ايران ۽ قطر وچ ۾ پنجن مهينن کان پوءِ سامونڊي واپار بحال

ايراني ميڊيا موجب سامونڊي واپار جي بحالي لاءِ دوحا ۾ ايراني ۽ قطري اختيارين وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، جنهن کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پنجن مهينن کان پوءِ سامونڊي واپار ٻيهر بحال ڪيو ويو آهي.

ايراني اختيارين موجب ايران جي دير بندرگاهه ۽ قطر جي الرويس بندرگاهه وچ ۾ جهازن جي اچ وڃ ٻيهر شروع ٿي وئي آهي.

رپورٽن موجب قطر هر قسم جي سامونڊي جهازن ۽ ٻيڙين لاءِ سامونڊي آمدرفت ٻيهر شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

قطر جي ٽرانسپورٽ واري وزارت آپريٽرن کي لاڳو سامونڊي ضابطن ۽ هدايتن تي مڪمل عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

واضح رهي ته 29 جون تي بادباني ۽ مڇي مارڻ وارين ٻيڙين جي اچ وڃ عارضي طور معطل ڪئي وئي هئي، جڏهن ته واپاري سامونڊي جهازن تي اها پابندي لاڳو نه هئي.

هي قدم علائقي ۾ فوجي ڪاررواين دوران هڪ قطري شهري جي فوت ٿيڻ جي اعلان کان هڪ ڏينهن پوءِ کنيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *