پيٽرول 94 پيسا سستو، ڊيزل 54 پيسا مهانگو؛ نوان اگهه مقرر

پيٽرول جي قيمت ۾ 94 پيسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئون اگهه 324 رپيا 98 پيسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 54 پيسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن سان نئون اگهه 382 رپيا 79 پيسا في ليٽر ٿي ويو آهي. […]
ون ونڊو سان سرمائيڪاري جي عمل ۾ تيزي ايندي: گورنر

گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد چيو آهي ته ون ونڊو سهولت سان سرمائيڪاري جي عمل ۾ تيزي ايندي. ڪراچي ۾ ”انوئيسٽ پاڪ“ جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد جو چوڻ هو ته سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن، انوئيسٽ پاڪ پورٽل ڊيجيٽل سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ […]
پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي، ٽيڪس ۽ مارجنز وصولي جا انگر پڌرا

پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ شامل ليوي، ٽيڪسز ۽ مختلف مارجنز جا تفصيل سامهون اچي ويا. هڪ ليٽر پيٽرول تي مجموعي طور 118.76 رپيا جڏهن ته هڪ ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 110.65 رپيا ليوي، ٽيڪس ۽ مارجنز وصول ڪيا پيا وڃن. دستاويزن موجب هڪ ليٽر پيٽرول جي بنيادي قيمت (لاڳت) 178 […]
جاپاني ڪرنسي 40 سالن جي گهٽتائي تي ڇو اچي وئي؟

جاپاني ڪرنسي ين آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ گذريل 40 سالن جي سڀ کان هيٺين سطح تي پهچي وئي آهي، جنهن سبب سيڙپڪار ان خدشي ۾ آهن ته جاپان جي حڪومت ڪرنسي کي سهارو ڏيڻ لاءِ ٻيهر مداخلت ڪري سگهي ٿي، جنهن جا اثر آمريڪي شيئر مارڪيٽ، آمريڪي ٽريزري بانڊ مارڪيٽ ۽ عالمي معيشت تي […]
بجليءَ جي گردشي قرض ۾ رڪارڊ 779 ارب رپين جي گهٽتائي

آڊيٽر جنرل جي رپورٽ موجب، ملڪ ۾ بجليءَ جي شعبي جو گردشي قرض مالي سال 2024-25 جي پڄاڻي تي گهٽجي 1.614 ٽريلين (کرب) رپيا رهجي ويو، جيڪو هڪ سال اڳ 2.393 ٽريلين رپيا هو. ان ڪري مجموعي طور تي گردشي قرض ۾ 779.58 ارب رپين جي ڪمي رڪارڊ ڪئي وئي. توانائي وزارت (پاور ڊويزن) ۽ […]
اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ لک 86 هزار پوائنٽس جي حد پار

پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هينڊريڊ (100) انڊيڪس هڪ لک 86 هزار پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ اڪسچينج ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي، 1400 کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هينڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 86 هزار 894 پوائنٽس جي سطح تي […]
ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن سون سوين رپيا سهانگو

ملڪ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 2 هزار 400 رپيا لاٿ کانپوءِ 4 لک 37 هزار 436 رپين جو ٿي ويو آهي.ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 2 هزار 58 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 75 هزار 30 […]
جمهوريت تي حملو ڪندڙ آمر ڪڏهن به پيپلز پارٽي کي ختم نه ڪري سگهيا:سعيد غني

سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چاهي ها ته زنده رهي سگهي پيو، پر هن پنهنجي جان قربان ڪري هن ملڪ مان هڪ آمر کي ذليل ۽ رسوا ڪيو. هن چيو ته شهيد ذوالفقار […]
آءِ فون جي لالچ ڏئي ودست هٿان پيءُ مارائيندڙ ٻيو پُٽ به گرفتار

ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ ملڪيت جي تڪرار تي دوست کي آءِ فون ۽ 15 هزار رپين جي لالچ ڏئي پيءُ کي قتل ڪرائيندڙ ٻئي پٽ کي به پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدار پنهنجي ڀاءُ کي پيءُ جي قتل جي اجازت ڏني هئي. ان کان اڳ پوليس ڪارروائي ڪندي قتل ۾ ملوث ٻن […]
صوبائي ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ جو انڪشاف، وفاق ۾ سنڌ جون هڪ لک کان وڌيڪ آساميون خالي: ضمير گهمرو

سينيٽ جي فنڪشنل ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي نوڪرين ۾ صوبائي ڪوٽا تي عملدرآمد بابت اهم انڪشاف سامهون آيو، جنهن کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کان هڪ هفتي اندر تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.بيرسٽر ضمير گهمرو جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو.ڪميٽي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کان پڇاڻو ڪيو ته هلندڙ […]