بلاول ڀٽو زرداري، پي ٽي آءِ کي انتهاپسندي واري سياست ڇڏڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ پنهنجي وڃايل ساک واپس چاهي ٿي ته انتهاپسندي واري سياست ڇڏي، وفاقي حڪومت ڪي پي ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو، پر اسان حڪومت کي ڳالهين طرف وڃڻ تي زور ڀريو، نٿا چاهيون ته خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ يا ايمرجنسي جو آپشن استعمال ٿيئي، گورنر راڄ آخري آپشن هوندو، ڪراچي ۾ اسپورٽس ڪامپليڪس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خوشي آهي ته وفاقي حڪومت اليڪٽورل ريفارمز ڪميٽي بابت راضي ٿي چڪي آهي، اميد ته ان حوالي سان اجلاس جلد ڪوٺايو ويندو، پي ٽي آءِ اليڪٽورل ريفارمز ڪميٽي ۾ نه ويهندي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي کي ڪيئن روڪيندي، ملڪ ڏڦيڙ واري سياست کي برداشت نٿو ڪري سگهي، پي ٽي آءِ پارلياماني ڪميٽين ۾ واپس اچي، وفاق سان ڳالهيون ڪري


