پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اپوزيشن کي پارلياماني ڪميٽين ۾ واپس اچڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو ،
قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارليامينٽ طاقتور آهي ته اسان سڀ طاقتور آهيون
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اپوزيشن کي فعال ڪردار جي ذميواري کڻڻ گهرجي،
سندس چوڻ هو ته حڪومت جون ذميواريون آهن، ان کي ذميواريون پوري ڪرڻ گهرجن،
پ پ چيئرمين چيو ته اوهان فنانس ڪميٽي ۾ نه ويٺا ، ان سان پارليامينٽ جي ڪردار ۾ ڪمزوري ٿي،
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اپوزيشن ليڊر کي جيڪا ذميواري پي ٽي آءِ باني ڏني اھا ادا ڪري، اپوزيشن ليڊر کي درخواست ڪندس ته چونڊ سڌارا ڪميٽي لاءِ ميمبر نامزد ڪري،
سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي مشڪلاتون آھن، ڪابينا ميمبر ايوان ۾ ٻڌائن ته ڪھڙا خطرا آھن،
پ پ چيئرمين چيو ته وزير ٻڌائن تي ايران تي آمريڪا جا حملا ۽ مڪا معاھدي جا پاڪستان تي ڪھڙا اثر پوندا؟


