نیوز ٹکر · سما ٹی وی
🕒 لوڈ ہو رہا... _
📅 لوڈ ہو رہا... _
🌡️ لوڈ ہو رہا... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

جاپاني ڪرنسي 40 سالن جي گهٽتائي تي ڇو اچي وئي؟

جاپاني ڪرنسي ين آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ گذريل 40 سالن جي سڀ کان هيٺين سطح تي پهچي وئي آهي، جنهن سبب سيڙپڪار ان خدشي ۾ آهن ته جاپان جي حڪومت ڪرنسي کي سهارو ڏيڻ لاءِ ٻيهر مداخلت ڪري سگهي ٿي، جنهن جا اثر آمريڪي شيئر مارڪيٽ، آمريڪي ٽريزري بانڊ مارڪيٽ ۽ عالمي معيشت تي به پئجي سگهن ٿا.
سي اين اين جي رپورٽ موجب ين جي قيمت 1986ع کان پوءِ پنهنجي سڀ کان گهٽ سطح تي اچڻ جا اهم سبب آمريڪي وياج جي شرحن بابت اميدن ۾ تازي تبديلي، خاص طور ايران سان جنگ جي اثرن سبب، ۽ آمريڪي ڊالر جي ٻيهر مضبوط ٿيڻ آهن.
جاپاني حڪومت هن سال جي شروعات ۾ ين کي سنڀالڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ مداخلت ڪئي هئي، پر اها ان جي لاڳيتي گهٽتائي کي روڪي نه سگهي. هاڻي جڏهن ڪرنسي وري ڪيترن ڏهاڪن جي نئين گهٽ ترين سطح تي پهچي وئي آهي، ته واپاري هڪ ٻي سرڪاري مداخلت لاءِ تياري ڪري رهيا آهن.
ين ڪرنسي ڇو ڪمزور ٿي رهي آهي؟
واپارين جو خيال آهي ته آمريڪي وفاقي ريزرو (فيڊ) ايندڙ مهينن دوران وياج جون شرحون يا ته موجوده سطح تي برقرار رکندو يا شايد وڌيڪ وڌائيندو، ته جيئن آمريڪا-اسرائيل ۽ ايران جي جنگ سبب تيل جي قيمتن ۾ اضافي مان پيدا ٿيل مهانگائي تي ضابطو آڻي سگهجي.
فيڊ جي اهڙي امڪاني پاليسي سبب ڊالر وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي، جنهن جو دٻاءُ ين ۽ ٻين ڪرنسين تي پئجي رهيو آهي. آمريڪي ڊالر انڊيڪس هن سال تقريبن 3 سيڪڙو وڌيو آهي، جڏهن ته 2025ع دوران اهو 9 سيڪڙو گهٽجي ويو هو.
MUFG جي سينيئر ڪرنسي ماهر لي هارڊمين موجب، “آمريڪا ۽ ايران جي جنگ سبب توانائي جي قيمتن ۾ آيل جهٽڪو ين جي وڌيڪ ڪمزور ٿيڻ جو آخري اهم سبب بڻيو آهي، جنهن کي فيڊ جي تازين سخت پاليسي وارن اشارن وڌيڪ هٿي ڏني آهي.”
عام طور ڪرنسين جي قيمت مختلف ملڪن جي وياج جي شرحن جي فرق تي دارومدار رکي ٿي. بئنڪ آف جاپان (BOJ) 16 جون تي پنهنجي بنيادي وياج جي شرح وڌائي 1 سيڪڙو ڪئي، جيڪا 1990ع واري ڏهاڪي کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ آهي. تنهن هوندي به اها شرح اڃا به فيڊ جي 3.5 کان 3.75 سيڪڙو واري شرح کان گهڻي گهٽ آهي.
اهو فرق سيڙپڪارن کي وڌيڪ منافعي جي اميد ۾ آمريڪا ڏانهن راغب ڪري رهيو آهي، جنهن سان ڊالر وڌيڪ مضبوط ۽ ين وڌيڪ ڪمزور ٿي رهي آهي، جڏهن ته عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ به غيريقيني صورتحال وڌي رهي آهي.
سومر تي آمريڪي سپريم ڪورٽ اهو به فيصلو ڏنو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪنهن به غلط عمل جا ثبوت پيش ڪرڻ کان سواءِ فيڊ جي گورنر ليزا ڪڪ کي عهدي تان هٽائي نٿو سگهي. ان فيصلي سان مرڪزي بئنڪ جي آزادي وڌيڪ مضبوط ٿي آهي. فيڊ جو مهانگائي خلاف سخت رويو ۽ ان جي آزادي جي تصديق، ٻنهي ڊالر کي سهارو ڏنو آهي ۽ ين کي وڌيڪ هيٺ ڌڪي ڇڏيو آهي.
گذريل ڪجهه مهينن دوران ين جي قيمت 2024ع کان پوءِ جي سڀ کان گهٽ سطح تي هئي، پر هاڻي اها ان کان به هيٺ لهي 1980ع واري ڏهاڪي کان پوءِ جي سڀ کان گهٽ سطح تي پهچي وئي آهي.
ڪمزور ين جاپان لاءِ ڇا معنيٰ رکي ٿي؟
2000ع ۽ 2010ع واري ڏهاڪي دوران جاپان معيشت کي هٿي ڏيڻ ۽ قيمتن ۾ مسلسل گهٽتائي (ڊي فليشن) کي روڪڻ لاءِ وياج جون شرحون تقريبن صفر يا منفي سطح تي رکيون، ڇاڪاڻ ته 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ملڪ سخت معاشي بحران مان گذريو هو.
2024ع ۾، جڏهن مهانگائي مرڪزي بئنڪ جي 2 سيڪڙو هدف کان مٿي وئي، ته بئنڪ آف جاپان شرحون وڌائڻ شروع ڪيون. ان جي باوجود، جاپاني شرحون اڃا به ٻين وڏين معيشتن کان گهٽ هجڻ سبب ين جي گهٽتائي جاري رهي.
جيڪڏهن ڪرنسي تيزي سان وڌيڪ ڪمزور ٿيندي رهي ۽ ساڳئي وقت مهانگائي به برقرار رهي، ته اهو معاشي بحران جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ڪمزور ڪرنسي سبب درآمد ٿيل شيون مهانگيون ٿي وڃن ٿيون، جڏهن ته جاپان پنهنجي خوراڪ ۽ توانائي جو وڏو حصو ٻاهرين ملڪن مان درآمد ڪري ٿو. آمريڪا-اسرائيل ۽ ايران جي جنگ ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو خاص اثر انهن ايشيائي معيشتن تي پيو آهي، جيڪي وچ اوڀر جي تيل تي ڀاڙين ٿيون.
ING جي عالمي مارڪيٽن جي سربراهه ڪرس ٽرنر موجب، “جاپاني عملدار واضح ڪري چڪا آهن ته ڪمزور ين درآمدي خرچن ۽ زندگي جي وڌندڙ خرچن جي بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهي آهي، جيڪو ووٽرن لاءِ هڪ اهم مسئلو آهي.”
جاپاني مداخلت آمريڪي مارڪيٽن تي ڪيئن اثر وجهي سگهي ٿي؟
جاپاني حڪومت آمريڪي ڊالر يا ڊالر ۾ رکيل اثاثا، جهڙوڪ آمريڪي ٽريزري بانڊ، وڪڻي ين خريد ڪري پنهنجي ڪرنسي کي مضبوط بڻائي سگهي ٿي. ING موجب اهڙي مداخلت هن هفتي جي آخر ۾ به ٿي سگهي ٿي.
جيڪڏهن ين اوچتو مضبوط ٿي وڃي ته ان سان ڊالر ۽ آمريڪي ٽريزري بانڊن تي دٻاءُ وڌي سگهي ٿو.
جاپان اڳ به مارڪيٽن ۾ مداخلت ڪري چڪو آهي. هن سال اپريل جي آخر ۽ مئي جي شروعات ۾ جاپان تقريبن 70 ارب ڊالر جا اثاثا وڪڻي ين کي سهارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان جو آمريڪي مارڪيٽن تي محدود اثر پيو، پر ين جي ڪمزوري جا بنيادي سبب برقرار رهيا.
جيڪڏهن جاپان پنهنجي آمريڪي ٽريزري بانڊن مان وڌيڪ وڪرو ڪري، ته انهن جي منافعو (Yield) ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته بانڊن جون قيمتون گهٽجڻ سان ييلڊ وڌندي آهي. پر ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪي بانڊ مارڪيٽ جي وڏي سائيز کي نظر ۾ رکندي مجموعي اثر محدود رهندو.
ڪارل شاموٽا، Corpay جي چيف مارڪيٽ اسٽرٽيجسٽ، موجب جاپان جي ڪرنسي مداخلت عام طور تي اهڙي ننڍي پيماني تي ٿيندي آهي ــ يعني ڏهن اربن ڊالرن جي حد تائين ــ جڏهن ته آمريڪي ٽريزري مارڪيٽ جي ماليت تقريبن 29 ٽريلين ڊالر آهي، تنهن ڪري ان سان آمريڪي ييلڊ تي وڏو اثر پوڻ جو امڪان گهٽ هوندو آهي.
آمريڪي شيئر مارڪيٽ تي ڪهڙو اثر ٿي سگهي ٿو؟
وال اسٽريٽ تي هڪ مشهور حڪمت عملي اها آهي ته سيڙپڪار گهٽ وياج تي جاپاني ين ۾ قرض وٺي آمريڪي شيئرن ۾ سيڙپڪاري ڪن، ڇاڪاڻ ته جاپان ۾ وياج جون شرحون گهڻي عرصي کان تمام گهٽ رهيون آهن.
پر جيڪڏهن سرڪاري مداخلت ۽ بئنڪ آف جاپان جي شرح وڌائڻ سبب ين اوچتو مضبوط ٿي وڃي، ته اهڙو قرض مهانگو ٿي ويندو. ان سان نام نهاد “ڪيري ٽريڊ” ختم ٿيڻ شروع ٿي سگهي ٿي، ۽ واپارين کي پنهنجا شيئر وڪڻي قرض واپس ڪرڻا پوندا.
ڪارل شاموٽا جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وڏي پيماني تي، خاص طور آمريڪي خزاني واري کاتي سان گڏيل مداخلت ڪئي وئي، ته ڪيري ٽريڊ ۾ تيز ابتري اچي سگهي ٿي، جنهن جا آمريڪي شيئر مارڪيٽن تي انتهائي منفي اثر ٿي سگهن ٿا.
آگسٽ 2024ع ۾ به بئنڪ آف جاپان پاران جولاءِ ۾ وياج جون شرحون وڌائڻ کان پوءِ ڪيري ٽريڊ ختم ٿيڻ شروع ٿي، جنهن سبب آمريڪي شيئر مارڪيٽ، خاص طور ٽيڪنالاجي شعبي جا شيئر، سخت وڪرو جي دٻاءَ هيٺ اچي ويا.
عام ماڻهن لاءِ ان جو ڇا مطلب آهي؟
ڪرنسي مارڪيٽن ۾ ٿيندڙ تبديليون سڌي ريت آمريڪي شيئر مارڪيٽ تي اثرانداز ٿين ٿيون، جتي لکين آمريڪين جي رٽائرمينٽ بچتون سيڙپ ٿيل آهن. جيئن جيئن مارڪيٽون وڌيڪ الگورٿم تي ٻڌل ٿينديون پيون وڃن، تيئن ڪرنسي مارڪيٽن جون حرڪتون شيئر مارڪيٽن لاءِ وڌيڪ اهم بڻجي ويون آهن.
ڪيري ٽريڊ ۾ وڌندڙ غيريقيني صورتحال اهڙي وقت سامهون اچي رهي آهي، جڏهن ڪجهه تجزيه نگار اڳ ئي مصنوعي ذهانت (AI) ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي شيئرن ۾ هن سال غيرمعمولي واڌ بابت خدشا ظاهر ڪري رهيا آهن.
ين جو 40 سالن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ ۽ ساڳئي وقت ڊالر جو ٻيهر مضبوط ٿيڻ به اهو ظاهر ڪري ٿو ته هن سال عالمي مالياتي مارڪيٽون ڪيتريون غيرمتوقع رهيون آهن.
ڪارل شاموٽا جي لفظن ۾، “سال جي وچ تائين پهچندي صورتحال اها ثابت ڪري ٿي ته موجوده دور ڪيترو غيرمتوقع آهي. جنوري ۾ اڪثر ماڻهن جو خيال هو ته ڊالر وڌيڪ ڪمزور ٿيندو ۽ ين بحال ٿيندي، پر عالمي معيشت ۾ وڏي اٿل پٿل سبب اهي ٻئي اميدون مڪمل طور غلط ثابت ٿيون.”

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *