نیوز ٹکر · سما ٹی وی
🕒 لوڈ ہو رہا... _
📅 لوڈ ہو رہا... _
🌡️ لوڈ ہو رہا... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي، ٽيڪس ۽ مارجنز وصولي جا انگر پڌرا

پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ شامل ليوي، ٽيڪسز ۽ مختلف مارجنز جا تفصيل سامهون اچي ويا. هڪ ليٽر پيٽرول تي مجموعي طور 118.76 رپيا جڏهن ته هڪ ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 110.65 رپيا ليوي، ٽيڪس ۽ مارجنز وصول ڪيا پيا وڃن. دستاويزن موجب هڪ ليٽر پيٽرول جي بنيادي قيمت (لاڳت) 178 رپيا 77 پيسا بڻجي ٿي پر حڪومت شهرين لاءِ في ليٽر قيمت 297 رپيا 53 پيسا مقرر ڪئي آهي. پيٽرول تي 70 رپيا 36 پيسا پيٽروليم ليوي، 5 رپيا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي، 19 رپيا 33 پيسا ڪسٽم ڊيوٽي، 6 رپيا 86 پيسا ان لينڊ فريٽ ايڪولائيزيشن مارجن، 7 رپيا 87 پيسا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن ۽ 8 رپيا 64 پيسا ڊيلرز مارجن شامل آهي. اهڙي طرح في ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي بنيادي قيمت (لاڳت) 198 رپيا 85 پيسا آهي جڏهن ته حڪومت شهرين لاءِ ان جي قيمت 309 رپيا 50 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي آهي. دستاويز موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي مجموعي طور 110 رپيا 65 پيسا ليوي، ٽيڪسز ۽ مختلف مارجنز وصول ڪيا پيا وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *