جبوتي کان يمن ويندڙ پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي ٿي وئي،15 ٻارن سميت 139 ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي ويا
آفريڪي ملڪ جيوتي کان يمن ويندڙ پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 15 ٻارن سميت 139 ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا
برطانيه جي ميڊيا موجب ٻيڙي ٻڏڻ جو حادثو 8 ۽ 9 آڪٽوبر جي وچ واري رات پيش آيو،ٻيڙي ۾ لڳ ڀڳ 3 سئو ماڻهو سوار هئا،60 کان وڌيڪ مسافرن کي بچايو ويو آهي جڏهن ته 80 ماڻهو گم آهن
عالمي ميڊيا موجب زندهه بچيل سمورا ماڻهو ايٿوپيا جا شهري آهن
مهاجرن بابت عالمي اداري آءِ ايم او موجب هر سال ايٿوپيا، صوماليه ، اريٽريا ۽ جبوتي سان تعلق رکندڙ هزارين ماڻهو محفوظ پناهه گاهن ۽ روزگار جي اميد سان نار وارن ملڪن ڏانهن پهچڻ لاءِ هي خطرناڪ سفر ڪن ٿا مهاجرن بابت عالمي اداري آءِ ايم او موجب هن وقت تائين هٿ ڪيل لاشن مان 42 مڙهه عورتن جا آهن


