سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ دهشتگردن لاءِ نرم رويو رکڻ سبب پنهنجي صوبائي حڪومت وڃائي ويٺي، معصوم ماڻهن جو رت وهندو رهيو، جوان شهيد ٿيندا رهيا، پر تحريڪ انصاف جو باني دهشتگردن جون آفيسون کولرائڻ جون ڳالهيون ڪندو رهيو
پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته خيبر پختونخوا ۾ پنهنجي حڪومت کي درپيش سياسي بحران جو الزام ڏيڻ لاءِ پي ٽي آءِ وٽ پاڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به ناهي
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته عوام جي خدمت ۽ تحفظ ڪرڻ بدران پي ٽي آءِ صوبي کي پنهنجي محاذ آرائي واري سياست جو مرڪز بڻائي ڇڏيو ۽ اڄ ان کي پنهنجن ئي فيصلن جي نتيجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جمهوريت ۽ جمهوري ادارن جي مضبوطيءَ تي يقين رکي ٿي ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت ڪڏهن به اقتدار جي لالچ ۾ سياست ناهي ڪئي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي کي اقتدار جو شوق هجي ها ته اها وفاقي وزارتون حاصل ڪري ها ۽ وفاقي حڪومت ۾ شامل هجي ها، پر پيپلز پارٽي هميشه اصولن جي بنياد تي سياست ڪئي آهي
هن چيو ته مولانا فضل الرحمٰن جهڙي تجربيڪار سياستدان پاران مايوس ڪندڙ بيان ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن، جڏهن ته مولانا فضل الرحمٰن پاڻ دهشتگرديءَ جي دهشت کي منهن ڏئي چڪو آهي ۽ سندس جماعت به دهشتگردن هٿان نقصان برداشت ڪري چڪي آهي. اميد آهي ته مولانا فضل الرحمٰن دهشتگرديءَ خلاف غير مبهم مؤقف اختيار ڪندو ۽ جي يو آءِ (ف) جو سربراهه اسان جي شهيدن ۽ معصوم متاثرن جي وارثن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندو
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوجن جا بهادر آفيسر ۽ جوان پوري قوم جو فخر آهن. پاڪ فوج جا جوان اسان جي ٻارن، نوجوانن ۽ بزرگن جي جانين، سلامتيءَ ۽ مستقبل جي حفاظت لاءِ چوڪس بيٺل آهن ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ لڳاتار جانيون قربان ڪري رهيا آهن. پاڪ فو ج جون غير معمولي قربانيون اسان جي امن ۽ سلامتيءَ جون ضامن آهن
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان پنهنجن شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ انهن جي وارثن کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪريون ٿا. اسان پنهنجي هٿياربند فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون


