دنيا ۾ رهڻ لاءِ بهترين ملڪ ڪهڙو آهي؟ ان سوال جو جواب هڪ نئين رپورٽ ۾ ڏنو ويو آهي، نوماڊ ڪيپيٽلسٽ پاران رهائش لاءِ بهترين ملڪن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي
63 ملڪن تي ٻڌل هن فهرست ۾ قدرتي ماحول، رهائش ۽ آمدنيءَ سان لاڳاپيل ٽيڪس، تحفظ، آزادي، زندگيءَ جي معيار ۽ انفراسٽرڪچر کي نظر ۾ رکندي درجابندي ڪئي وئي آهي
مجموعي طور تي هوا جي معيار، موسمياتي تبديلين جي خطرن، شهريت ۽ رهائش حاصل ڪرڻ جي قانوني طريقن، عالمي امن انڊيڪس ۾ درجي، سراسري عمر، رهڻي ڪهڻيءَ جي خرچن، انٽرنيٽ جي رفتار ۽ ٻين عنصرن جي جائزي کانپوءِ ملڪن جي درجابندي ڪئي وئي
هن فهرست ۾ يورپي ملڪ موناڪو کي رهائش لاءِ دنيا جو بهترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي, ٽاپ 10 ملڪن مان 6 جو تعلق يورپ سان آهي,يورپ جو هڪ ٻيو ملڪ، انڊورا، دنيا ۾ رهائش لاءِ ٻئي نمبر تي رهيو،ٽئين نمبر تي گڏيل عرب امارات، جڏهن ته چوٿين نمبر تي يورپي ملڪ مالٽا رهيو
پرتگال، قبرص، سنگاپور، ڪيمن آئلينڊز، نيوزيلينڊ ۽ سوئٽزرلينڊ ترتيبوار پنجين کان ڏهين نمبر تائين بهترين ملڪن ۾ شامل رهيا


