ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدو خطي ۾ نون سيڪيورٽي چيلينجز کي منهن ڏيڻ، گڏيل دفاعي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ اهم آهي. هن واضح ڪيو ته معاهدي جو مقصد ڪنهن ملڪ کي دشمن يا دوست قرار ڏيڻ نه، پر دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تڪرار گهٽائڻ، جنگبندي برقرار رکڻ ۽ ڳالهين ذريعي پرامن حل لاءِ پنهنجون سفارتي ڪوششون جاري رکندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جو بنيادي مفاد خطي ۾ امن، استحڪام ۽ تڪرارن جي پرامن حل ۾ آهي.


