سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي بيان تي ردعمل ۾ چيو آهي ته سهيل آفريدي کي پي ٽي آءِ باني جي سياسي ايجنڊا جو ترجمان نه بڻجڻ گهرجي
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سهيل آفريدي خيبرپختونخوا جي وڏ وزارت سنڀالڻ کان باني جي مشن تي آهي،خيبر پختونخواهه دهشتگردي جي ور چڙهيل آهي
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سهيل آفريدي صوبي بدران باني جون جنگيون وڙهڻ ۾ رڌل آهي سهيل آفريدي ناڪامين جو الزام ٻين تي مڙهڻ بدران صوبي بابت جواب ڏئي
هن چيو ته سياسي مفادن لاءِ ”سقوطِ ڍاڪا“ جو ذڪر تاريخ، شهيدن ۽ قوم جي توهين آهي،اوڀر پاڪستان جي علحدگي جو ذميوار پ پ يا ڀٽو خاندان کي قرار ڏيڻ قبول نه آهي
پ پ کي سهيل آفريدي کان حب الوطني جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي وفاق کي جوڙي رکندڙ قوت آهي نفرت ۽ ورهاست جي سياست ڪندڙن کي پنهنجي سياسي ڪردار جو جائزو وٺڻ گهرجي


