News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

سيڪيورٽي خطرن ۽ نون چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلسل تربيت ضروري آهي: فيلڊ مارشل عاصم منير

چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته بدلجندڙ سيڪيورٽي خطرن ۽ نون چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلسل تربيت، مقامي سطح تي دفاعي صلاحيتن جي ترقي ۽ آپريشنل تيارين تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير هيڊڪوارٽرز اسپيشل سروسز گروپ تربيلا جو دورو ڪيو، جتي پهچڻ تي جي او سي، ايس ايس جي سندس آڌرڀاءُ ڪيو
ان موقعي تي فيلڊ مارشل عاصم منير شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي، هن وطن جي دفاع ۾ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ ايس ايس جي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي
آءِ ايس پي آر موجب، دوري دوران آرمي چيف کي ايس ايس جي جي خصوصي تربيت، آپريشنل تيارين ۽ مختلف مشنن جي ڪامياب تڪميل لاءِ اداري جي صلاحيتن بابت بريفنگ ڏني وئي
فيلڊ مارشل عاصم منير جديد خصوصي سامان جو معائنو پڻ ڪيو، جڏهن ته ايس ايس جي جي جنگي مهارتن ۽ خصوصي آپريشنز جو عملي مظاهرو به ڏٺو
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير ايس ايس جي جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيوراڻين صلاحيتن، بلند حوصلن ۽ فرض شناسيءَ کي ساراهيو
هن چيو ته بدلجندڙ سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ نون چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ مسلسل تربيت اڻٽر آهي، ايس ايس جي کي بدلجندڙ خطرن جي مقابلي ۾ سرسي برقرار رکڻ لاءِ اعليٰ معيار جون تياريون جاري رکڻيون پونديون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *