وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي ٻيهر نوبل امن انعام ڏيڻ جي حمايت ڪئي آهي.
شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٽرمپ جي بروقت مداخلت پاڪستان ۽ ڀارت کي جنگ جي ڪناري تان واپس آڻڻ ۽ جنگبندي ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي، جيڪا اڄ تائين برقرار آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته علائقي ۾ امن جي واڌاري ۽ تڪرار کي روڪڻ لاءِ ٽرمپ جي ڪوششن کي هن ڀيري مناسب مڃتا ملندي.


