News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

فتنه الهندوستان خلاف ڪارروايون، 4 دهشتگرد مارجي ويا، ميجر وجاهت وحيد شهيد: آءِ ايس پي آر

بلوچستان جي ضلعي قلات ۽ گوادر ۾ فتنه الهندوستان خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، قلات جي علائقي جتڪ آباد ۾ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز جتڪ آباد ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو، جڏهن ته ڪارروائي دوران هٿيار ۽ گولابارود پڻ هٿ ڪيو ويو

آءِ ايس پي آر موجب گوادر جي علائقي شادي ڪور ۾ ڪليئرنس آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز جي جٿي کي آءِ اي ڊي ذريعي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي ڌماڪي ۾ ميجر وجاهت وحيد شهادت ماڻي

شهيد ميجر وجاهت وحيد جي عمر 34 سال هئي ۽ سندس تعلق لاهور سان هو.

آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ موجود ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري رکيا ويندا

سيڪيورٽي فورسز عزمِ استحڪام تحت ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪارروايون جاري رکڻ جو عزم ورجايو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *