اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتن ياهو چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان سندس ويجها لاڳاپا ايران کان درپيش خطري کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا
سندس اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن اسرائيل ۾ چونڊن جي ڊوڙ سخت مقابلي جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي ۽ ٽرمپ پڻ نتني اهو جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، نتن ياهو پنهنجي جماعت ليڪوڊ پاران جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ ووٽرن کي اپيل ڪئي ته اهي ٽرمپ جي بيان کي اهميت ڏين
اسرائيلي وزيراعظم وڊيو ۾ دعويٰ ڪئي ته ”اسان ايران کي چٿي ڇڏيو آهي “ هن وڌيڪ چيو ته ٽرمپ سان سندس ڀائيواري ايندڙ ٻن سالن تائين يا ان کان به اڳ ايران جي خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ جاري رهندي
نتن ياهو جو اهو بيان اسرائيل ۽ آمريڪا وچ ۾ ويجهي سهڪار ۽ ايران بابت سندن گڏيل حڪمت عملي کي چونڊ مهم جي نظرئي کي نمايان ڪري ٿو


