News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

واشنگٽن: ٽرمپ جو سعودي عرب کي  حوثين خلاف اسرائيل جي مدد قبول ڪرڻ جو مشورو

امريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب کي يمن جي حوثين جي خلاف اسرائيل جي مددگار آڇ قبول ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي

وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سعودي عرب کي يمن جي حوثين جي خلاف جنگ ۾ مدد ڏيڻ بابت اسرائيل جي آڇ قبول ڪرڻ گهرجي اسرائيل سعودي عرب جي لاءَ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيو آهي

هن هفتي جي شروعات ۾ هڪ سفارتي ذريعي اسرائيلي اخبار کي ٻڌايو هو ته اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو  امريڪي ٽياڪڙي  ذريعي سعودي عرب کي حوثين جي خلاف مدد فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي هن آڇ جو مقصد سعودي عرب سان تعلقات کي مضبوط بڻائڻ آهي پر سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان ان قدم جي مخالف ڪئي هئي ڇاڪاڻ ته کيس خدشو هئو ته سعودي عرب جو عوام سخت رد عمل ڏئي سگهي ٿو

ٻئي طرف ٽرمپ چيو ته ايران  کي  ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ جي عزم تحت امريڪا کي ايران جي ايٽمي پروگرام سان لاڳاپيل پڪ ايڪس مائونٽين جي نالي سان مشهور  زمين هيٺ سائيٽ کي نشانو بڻائنو پئجي سگهي ٿو

 هڪ انٽرويو دوران ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو ايران خلاف جاري جنگ ۾ ايٽمي هٿيار استعمال نه ڪندو

صدر ٽرمپ چيو ته امريڪا ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿو ته ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ان وٽ ايٽمي هٿيار اچي ويا ته ايران انهن کي لازمي استعمال ڪندو

ايران جي زمين هيٺ ايٽمي مواد جو ذڪر ڪندي امريڪي صدر چيو ته ايران جي ايٽمي صلاحيت لکين ٽن ڳڙي پهاڙ جي هيٺان دفن ٿيل آهي هاڻي اسان پڪ ايڪس مائونٽين کي ڏسي رهيا آهيون اساب کي اتي وڃڻو پئجي سگهي ٿو اسان ان تي حملو ڪنداسين ۽ ان کي تيزي سان تباهه ڪنداسين

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *