وزيراعظم جو بيلسٽڪ ميزائلن کي فضا ۾ تباهه ڪرڻ تي سعودي ۽ اتحادي فوجن کي خراج تحسين ، شهباز شريف جو چوڻ آهي ته رياض ۽ ابها انٽرنيشنل ايئرپورٽس کي نشانو بڻايو ويو، حوثين جي حملن ۾ شهرين جون جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، گڏيل دفاعي معاهدي ۽ اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي جي فيصلن مطابق سعودي عرب سان گڏ آهيون، سعودي عرب جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ پاڪستان پرعزم آهي ، سعودي عرب کي پنهنجي عوام، شهرن ۽ اهم ٺڪاڻن جي دفاع جو جائز حق حاصل آهي ، پاڪستان سعودي عرب جي پنهنجي دفاع جي حق جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ، پاڪستان سعودي عرب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي


