واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل ۾ چونڊن کان هڪ ڏينهن اڳ اسرائيلي عوام کي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسرائيلي عوام نيتن ياهو کي ووٽ ڏئي ته جيئن شروع ڪيل ڪم کي مڪمل ڪري سگهجي
هن نيتن ياهو کي ويڙهاڪ وزيراعظم قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي ته سندس قيادت ۾ گڏجي اهم فوجي ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون آهن
ٽرمپ وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي ايران کي جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪيو.
هن چيو ته ماضي ۾ ڪجهه ماڻهو اسرائيل کي ”ننڍو شيطان“ ۽ آمريڪا کي ”وڏو شيطان“ قرار ڏيندڙ نعرا هڻندا هئا، پر هاڻي اهي نعرا ٻڌڻ ۾ نٿا اچن


