پرڏيهي کاتي جي ترجمان سجاد حيدر چيو آهي ته سعودي عرب ۾ پاڪستاني فوجن جي مقرري اڳوڻن معاهدن تحت ڪئي پئي وڃي. پاڪستان جو چوڻ آهي ته اسلام آباد جي سفارتي ڪوششن سان آمريڪا ۽ ايران سڌي ريت ڳالهه ٻولهه ڪئي، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي ٽياڪڙي جو ڪردار جاري رکيو ويندو. ٻئي پاسي پاڪستان افغانستان جي طالبان حڪومت پاران داعش بابت لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻيون دهشتگرد تنظيمون افغانستان مان سرگرم آهن.


