پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته ڪجهه رانديگرن کي شهرت ملي ٿي ته اهي سکڻ ڇڏي ڏين ٿا، جڏهن ته ڪرڪيٽ اهڙي راند آهي، جنهن ۾ لڳاتار محنت ڪرڻ ضروري آهي
لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي محسن نقوي چيو ته هن ڪيترائي اهڙا ڪرڪيٽر ڏٺا آهن، جيڪي خراب وقت اچڻ تي محنت ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن
پي سي بي چيئرمين چيو ته پاڪستان ۾ صلاحيتن جي کوٽ ناهي، پر انهن صلاحيتن کي اجاگر ڪري رانديگرن کي تيار ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي، جيڪو اڪيلو پي سي بي نٿو ڪري سگهي. ان لاءِ ڪرڪيٽ فرنچائزن، تنظيمن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو
محسن نقوي چيو ته اسان پنهنجي ڪم ڪار کي بهتر بڻايو آهي، جنهن جا ايندڙ وقت ۾ سٺا نتيجا ملندا. هن دعويٰ ڪئي ته هاڻي ملڪي ڪرڪيٽ ۾ سفارش بلڪل نٿي هلي
هن وڌيڪ چيو ته هو چاهي ٿو ته ڇوڪريون به ڇوڪرن سان گڏ اڳتي وڌن. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ راندين جي حوالي سان تمام گهڻيون صلاحيتون موجود آهن
پي سي بي چيئرمين موجب، رانديگرن جي سکيا ۽ واڌ ويجهه لاءِ لاهور قلندرز سڀني کان وڌيڪ ڪم ڪندڙ ۽ اڳواڻي ڪندڙ فرنچائز آهي


