News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

آمريڪي جهازن کي ايراني سمنڊ ۾ ٻيهر داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏبي: عبداللهي

آمريڪي جهازن کي  ايراني سمنڊ  ۾ ٻيهر داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏبي:علي عبداللهي
ايران جي  فوج جي  اعليٰ عهديدار، علي عبداللهي، چيو آهي ته آمريڪي بحري جهازن کي  ايران جي سمنڊ  ۾ ٻيهر داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي
عبداللهي چيو ته آمريڪي صدر جو اهو خيال ته سندس فوج ۽ بحري فوج شايد  ايراني نار  ۾ واپس اچي سگهن ٿيون هڪ خواب کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي.آمريڪي صدر هي خواب پاڻ سان گڏ قبر ۾ کڻي ويندو
هن  چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ۽ ڪنهن به وقت، آمريڪي فوجي جهازن کي خليج فارس ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملندي
 هڪ ڏينهن اڳ پاسدارن انقلاب جي بحري شاخ جي ڪمانڊر چيو هو ته آمريڪي فوجون آبنائي هرمز کان 600 کان 700 ڪلوميٽر پري هلي ويون آهن
ٻئي طرف امريڪي صد ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي الزام مڙهيو آهي ته آبناءِ هرمز ۾ بارودي سرنگن جي ڌماڪن  ۽ جهازن تي حملن بابت ڪوڙيون خبرون پکيڙي امريڪا ۾ مڊٽرم چونڊن کان اڳ تيل جو ملهه وڌائن جون ڪوششون ڪري رهيو آهي 
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته جنگ کان  پهريان جي ڀيٽ  ۾ هاڻي آبناءِ هرمز مان  وڌيڪ تيل جي فراهمي ٿي رهي آهي ان ڪري ايران تيل جي اگهه ۾ واڌ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي 
 
 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *