آمريڪي جهازن کي ايراني سمنڊ ۾ ٻيهر داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏبي:علي عبداللهي
ايران جي فوج جي اعليٰ عهديدار، علي عبداللهي، چيو آهي ته آمريڪي بحري جهازن کي ايران جي سمنڊ ۾ ٻيهر داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي
عبداللهي چيو ته آمريڪي صدر جو اهو خيال ته سندس فوج ۽ بحري فوج شايد ايراني نار ۾ واپس اچي سگهن ٿيون هڪ خواب کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي.آمريڪي صدر هي خواب پاڻ سان گڏ قبر ۾ کڻي ويندو
هن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ۽ ڪنهن به وقت، آمريڪي فوجي جهازن کي خليج فارس ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملندي
هڪ ڏينهن اڳ پاسدارن انقلاب جي بحري شاخ جي ڪمانڊر چيو هو ته آمريڪي فوجون آبنائي هرمز کان 600 کان 700 ڪلوميٽر پري هلي ويون آهن
ٻئي طرف امريڪي صد ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي الزام مڙهيو آهي ته آبناءِ هرمز ۾ بارودي سرنگن جي ڌماڪن ۽ جهازن تي حملن بابت ڪوڙيون خبرون پکيڙي امريڪا ۾ مڊٽرم چونڊن کان اڳ تيل جو ملهه وڌائن جون ڪوششون ڪري رهيو آهي
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته جنگ کان پهريان جي ڀيٽ ۾ هاڻي آبناءِ هرمز مان وڌيڪ تيل جي فراهمي ٿي رهي آهي ان ڪري ايران تيل جي اگهه ۾ واڌ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي


