نیوز ٹکر · سما ٹی وی
🕒 لوڈ ہو رہا... _
📅 لوڈ ہو رہا... _
🌡️ لوڈ ہو رہا... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

بين اسٽوڪس انگلينڊ جي نئين ٽيسٽ ڪپتان لاءِ هيري بروڪ جي حمايت ڪري ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) بين اسٽوڪس انگلينڊ جي ايندڙ ٽيسٽ ڪپتان لاءِ هيري بروڪ جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.
پنهنجي آخري بين الاقوامي ميچ کانپوءِ ڳالهائيندي بين اسٽوڪس چيو ته هيري بروڪ اڳ ۾ ئي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ انگلينڊ جو ڪپتان آهي ۽ ٽيسٽ فارميٽ ۾ سندس نائب به آهي، تنهن ڪري کيس ٽيسٽ ٽيم جي قيادت سونپڻ هڪ فطري عمل هئڻ گهرجي.
واضح رهي ته تازو انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي سيريز جي آخري ٽيسٽ ۾، جڏهن ظابطن جي ڀڃڪڙي سبب بين اسٽوڪس ۽ گس ايٽڪنسن کي ٽيم مان ٻاهر رکيو ويو هو، ته انتظاميا هيري بروڪ جي بدران جوءِ روٽ کي ڪپتان مقرر ڪيو هو.
ان فيصلي تي تبصرو ڪندي اسٽوڪس چيو ته هو ان فيصلي واري عمل جو حصو نه هو.
اسٽوڪس هيري بروڪ جي حمايت ڪندي چيو ته ”توهان ڪنهن کي نائب ڪپتان ان ڪري ئي بڻائيندا آهيو ته جيئن ڪپتان جي غير موجودگيءَ ۾ هو ذميواري کڻي سگهي، بروڪ هڪ باصلاحيت رانديگر آهي ۽ ٽيم جي سينيئر رانديگرن مان هڪ آهي.“
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن بروڪ تي وڌيڪ ذميواري رکي وڃي ته ممڪن آهي ته سندس بيٽنگ جي صلاحيتن ۾ وڌيڪ بهتري اچي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مون کان پڇيو وڃي ته ڪنهن کي ڪپتان ٿيڻ گهرجي، ته مان هيري بروڪ جي 100 سيڪڙو حمايت ڪندس.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *