نیوز ٹکر · سما ٹی وی
🕒 لوڈ ہو رہا... _
📅 لوڈ ہو رہا... _
🌡️ لوڈ ہو رہا... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

سپريم ڪورٽ جو 71 سال پراڻي ڪيس ۾ ماءُ ۽ ڀينرن کي ملڪيت ۾ حصو ڏيڻ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ 71 سال پراڻي وراثتي تڪرار واري ڪيس ۾ ماءُ ۽ ڀينرن کي ملڪيت ۾ حصو ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ جي جسٽس شاهد بلال حسن 13 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو، جيڪو لاهور رجسٽري ۾پڙهي ٻڌايو ويو.
عدالت عورتن جي وراثتي حقن بابت فيصلو ڏيندي هاءِ ڪورٽ ۽ ٽرائل ڪورٽ جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا ۽ 71 سالن کانپوءِ ڀينرن ۽ ماءُ کي ملڪيت ۾ حصو ڏيڻ جو حڪم ڏنو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عورتن جي وراثتي حقن جو تحفظ رڳو رياست جي ذميواري ناهي، سول سوسائٽي، عالمن، روينيو اختيارين ۽ قانوني ماهرن کي انهن حقن کان انحراف روڪڻ گهرجي.
ملڪيت ۾ حصو عورتن جو شرعي ۽ قانوني حق آهي، تنهنڪري عورتن کي شرعي ۽ قانوني وراثتي حقن کان محروم رکڻ غير آئيني ۽ غيراسلامي آهي.
فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جعلي هبو، فراڊ ۽ خانداني دٻاءُ سان عورتن جا وراثتي حق ختم نٿا ٿي سگهن، عورتن جي وراثتي حقن جي معاملي تي عدليا کي چوڪس رهڻ گهرجي.
واضح رهي ته 1955ع ۾ پيءُ جي وفات کانپوءِ ٻن ڀائرن ملڪيت پنهنجي نالي منتقل ڪرائي ورتي هئي ۽ زباني هبي کي بنياد بڻائي ماءُ ۽ ڀينرن کي ملڪيت کان محروم ڪري ڇڏيو هو.
فيصلي موجب، ٽرائل ڪورٽ، اپيلٽ ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جا فيصلا حقيقتن ۽ قانون جي ابتڙ آهن.
هاءِ ڪورٽ موجب، زباني هبي کي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين چئلينج نه ڪيو ويو هو، پر رڪارڊ موجب ڪيترن ئي سالن تائين ماءُ ۽ ڀينرن کي زمين جي آمدني مان حصو ملندو رهيو، جنهن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته ماءُ ۽ ڀينرن کي هبي کان اڻڄاڻ رکيو ويو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *