حماس طرفان غزا ۾ قائم ايمرجنسي ڪميٽي کي ٽوڙيو ويو آهي، جنهن سان ٻن ڏهاڪن کان غزا پٽي تي حڪومت ڪندڙ حماس جي گورننگ باڊي جو خاتمو اچي ويو آهي.
حماس جو چوڻ آهي ته اها گورننگ باڊي سول گورننس (شهري انتظام) جي مفاد ۾ تحليل ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته ان فيصلي تحت غزا پٽي جو ڪنٽرول هاڻي هڪ فلسطيني ٽيڪنوڪريٽ ڪميٽي حوالي ڪيو ويندو.


