نیوز ٹکر · سما ٹی وی
🕒 لوڈ ہو رہا... _
📅 لوڈ ہو رہا... _
🌡️ لوڈ ہو رہا... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

آءِ فون جي لالچ ڏئي ودست هٿان پيءُ مارائيندڙ ٻيو پُٽ به گرفتار

ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ ملڪيت جي تڪرار تي دوست کي آءِ فون ۽ 15 هزار رپين جي لالچ ڏئي پيءُ کي قتل ڪرائيندڙ ٻئي پٽ کي به پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدار پنهنجي ڀاءُ کي پيءُ جي قتل جي اجازت ڏني هئي.

ان کان اڳ پوليس ڪارروائي ڪندي قتل ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو، جن ۾ مقتول اقبال جو پٽ اعجاز ۽ سندس دوست شيراز شامل آهن.

پوليس موجب پٽ اعجاز پنهنجي دوست شيراز کي 15 هزار رپيا ۽ موبائل فون جو لالچ ڏئي پيءُ جي قتل لاءِ تيار ڪيو. شيراز 23 جون تي فائرنگ ڪري اقبال کي قتل ڪيو.

پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ملزم اعجاز جو پنهنجي پيءُ سان ملڪيت تي تڪرار هلندڙ هو. گرفتار جوابدارن وٽان قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار ۽ موٽرسائيڪل به هٿ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته واقعي ۾ ملوث ٽيون جوابدار، مقتول جو ٻيو پٽ جمشيد به گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب جمشيد اعتراف ڪيو آهي ته هن پنهنجي ڀاءُ کي پيءُ کي قتل ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، ڇاڪاڻ ته سندن والد وڏي ڀاءُ اعجاز کي ماريندو هو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *