آڊيٽر جنرل جي رپورٽ موجب، ملڪ ۾ بجليءَ جي شعبي جو گردشي قرض مالي سال 2024-25 جي پڄاڻي تي گهٽجي 1.614 ٽريلين (کرب) رپيا رهجي ويو، جيڪو هڪ سال اڳ 2.393 ٽريلين رپيا هو. ان ڪري مجموعي طور تي گردشي قرض ۾ 779.58 ارب رپين جي ڪمي رڪارڊ ڪئي وئي. توانائي وزارت (پاور ڊويزن) ۽ نيپرا جي ماتحت 74 ادارن ۾ 985.8 ارب رپين کان وڌيڪ جي سرڪاري خرچن تي ٻڌل آڊٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته گردشي قرض ۾ اها وڏي ڪمي شعبي جي ساختياتي سڌارن يا بهتر ڪارڪردگي جو نتيجو ناهي، پر حڪومت پاران بجيٽ کان هٽي ڪري مالي مدد ۽ ڪمرشل قرضن جي ڪري ممڪن ٿي. تنهن هوندي به، گردشي قرض ۾ ڪمي جي باوجود ڊسڪوز (بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين) جي ڪارڪردگي بدستور انتهائي ڪمزور رهي. مالي سال 2024-25 دوران ڊسڪوز ۾ رسد ۽ ورڇ (ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن) جا حقيقي نقصان 17.55 سيڪڙو رڪارڊ ڪيا ويا.


