نیوز ٹکر · سما ٹی وی
🕒 لوڈ ہو رہا... _
📅 لوڈ ہو رہا... _
🌡️ لوڈ ہو رہا... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

ون ونڊو سان سرمائيڪاري جي عمل ۾ تيزي ايندي: گورنر

گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد چيو آهي ته ون ونڊو سهولت سان سرمائيڪاري جي عمل ۾ تيزي ايندي. ڪراچي ۾ ”انوئيسٽ پاڪ“ جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد جو چوڻ هو ته سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن، انوئيسٽ پاڪ پورٽل ڊيجيٽل سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.هن چيو ته انوئيسٽ پاڪ پورٽل سان سرمائيڪارن کي آن لائن سهولتون ميسر ٿينديون. گورنر اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ هو ته ملڪ معيشي استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي، ون ونڊو سهولت سان سرمائيڪاري جي عمل ۾ تيزي ايندي ۽ جديد ڊيجيٽل نظام سان شفافيت ۽ سهولت ۾ اضافو ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *