News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

جبوتي کان يمن ويندڙ پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي ،15 ٻارن سميت 139 ماڻهو اجل جو شڪار

جبوتي کان يمن ويندڙ پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي ٿي وئي،15 ٻارن سميت 139 ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي ويا

آفريڪي ملڪ جيوتي کان يمن ويندڙ پرڏيهين جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 15 ٻارن سميت 139 ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا

برطانيه جي ميڊيا موجب ٻيڙي ٻڏڻ جو حادثو 8 ۽ 9 آڪٽوبر جي وچ واري رات پيش آيو،ٻيڙي ۾ لڳ ڀڳ 3 سئو ماڻهو سوار هئا،60 کان وڌيڪ مسافرن کي بچايو ويو آهي جڏهن ته 80 ماڻهو گم آهن

عالمي ميڊيا موجب زندهه بچيل سمورا ماڻهو ايٿوپيا جا شهري آهن

مهاجرن بابت عالمي اداري آءِ ايم او موجب هر سال ايٿوپيا، صوماليه ، اريٽريا ۽ جبوتي سان تعلق رکندڙ هزارين ماڻهو محفوظ پناهه گاهن  ۽ روزگار جي اميد سان نار وارن ملڪن ڏانهن پهچڻ لاءِ هي خطرناڪ سفر ڪن ٿا مهاجرن بابت عالمي اداري آءِ ايم او موجب هن وقت تائين هٿ ڪيل لاشن مان 42 مڙهه عورتن جا آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *