نیوز ٹکر · سما ٹی وی
🕒 لوڈ ہو رہا... _
📅 لوڈ ہو رہا... _
🌡️ لوڈ ہو رہا... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

صوبائي ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ جو انڪشاف، وفاق ۾ سنڌ جون هڪ لک کان وڌيڪ آساميون خالي: ضمير گهمرو

سينيٽ جي فنڪشنل ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي نوڪرين ۾ صوبائي ڪوٽا تي عملدرآمد بابت اهم انڪشاف سامهون آيو، جنهن کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کان هڪ هفتي اندر تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.
بيرسٽر ضمير گهمرو جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو.
ڪميٽي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کان پڇاڻو ڪيو ته هلندڙ سال دوران وفاقي نوڪرين ۾ صوبائي ڪوٽا تي ڪيتري حد تائين عمل ڪيو ويو آهي.
اجلاس دوران بيرسٽر ضمير گهمرو چيو ته ڪجهه معاملن ۾ صوبائي ڪوٽا تي مڪمل عملدرآمد نه ٿيڻ جون شڪايتون سامهون آيون آهن، تنهن ڪري ان معاملي جي شفاف جاچ ضروري آهي ته جيئن سڀني صوبن کي آئين موجب سندن حق ملي سگهي.
ڪميٽي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي هدايت ڪئي ته هڪ هفتي اندر تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جنهن ۾ وفاقي نوڪرين ۾ صوبائي ڪوٽا تي عملدرآمد جي مڪمل صورتحال واضح ڪئي وڃي.
اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به زور ڏنو ويو ته آئين ۽ قانون موجب وفاقي نوڪرين ۾ صوبائي ڪوٽا تي مڪمل ۽ شفاف نموني عمل يقيني بڻايو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *