نیوز ٹکر · سما ٹی وی
🕒 لوڈ ہو رہا... _
📅 لوڈ ہو رہا... _
🌡️ لوڈ ہو رہا... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

آزاد ڪشمير اڳوڻي وزيراعظم تنوير الياس پيپلز پارٽي جي بنيادي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم سردار تنوير الياس پاڪستان پيپلز پارٽي جي بنيادي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
ان ڏس ۾ سردار تنوير الياس چيو ته هن پنهنجي استعيفيٰ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏانهن اُماڻي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، پارٽي ٽڪيٽن جي ورڇ واري معاملي تي اختلافن کانپوءِ سردار تنوير الياس ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ زرداري هائوس اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيو هو.
اجلاس ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير معاملن جي انچارج فريال ٽالپر، وقتي صدر چوڌري لطيف اڪبر، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري محمد ياسين شرڪت ڪئي هئي.
اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ چونڊن بابت حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *