نیوز ٹکر · سما ٹی وی
🕒 لوڈ ہو رہا... _
📅 لوڈ ہو رہا... _
🌡️ لوڈ ہو رہا... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

شهيد آيت الله علي خامنه اي جي جنازي نماز ۽ تدفين جو شيڊيول جاري

تهران (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ايراني سپريم ليڊر شهيد آيت الله خامنه اي جي تدفين ۽ جنازي نماز جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي.
ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، شهيد آيت الله علي خامنه اي جي آخري رسمن بابت شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي.
رپورٽن موجب، 4 ۽ 5 جولاءِ تي الوداعي تقريبون ڪوٺايون وينديون، جڏهن ته 6 جولاءِ تي تهران ۾ جنازي نماز ادا ڪئي ويندي.
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7 جولاءِ تي قُم شهر ۾ به جنازي نماز ٿيندي، جڏهن ته 9 جولاءِ تي مشهد ۾ جلوس ڪڍيو ويندو ۽ تدفين امام رضا جي روزي ۾ ڪئي ويندي.
ٻئي پاسي ايراني حڪومت طرفان آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ آيت الله علي خامنه اي جي شهادت کانپوءِ سندس آخري رسمن جي موقعي تي 6 جولاءِ تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
رپورٽن موجب، ايراني حڪومت جي ترجمان جي حوالي سان چيو ويو آهي ته 8 جولاءِ تي سڄي ملڪ ۾ سوڳ ڏهاڙو به ملهايو ويندو.
واضح رهي ته ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي 28 فيبروري تي ايران تي ٿيل آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي دوران شهيد ٿي ويو هو.
ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف جولاءِ جي پهرئين هفتي دوران ايران جو دورو ڪندو ۽ آيت الله علي خامنه اي جي جنازي نماز ۾ شرڪت جو امڪان آهي.
رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ايران جي دوري کانپوءِ وزيراعظم ترڪيه جو به دورو ڪندو.
هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي به آخري رسمن ۾ شرڪت جو امڪان آهي، جڏهن ته ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق کي خط لکي آخري رسمن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *